دليپ ڪمار ڪوهستاني

دليپ ڪمار ڪوهستاني

دليپ ڪمار ڪوهستاني

دليپ ڪمار ڪوهستاني: نامور اداڪار دليپ ڪمار ڪوهستاني 8 فيبروري 1985ع تي ٿاڻي بولا خان جي منگلاڻي خاندان ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ٿاڻي بولا خان مان، مئٽرڪ اڏيرو لال هاءِ اسڪول مان ۽ بي.اي مٽياري ڪاليج مان پاس ڪيائين. دليپ ڪمار کي ننڍي هوندي کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو، جڏهن سنڌي چينل سنڌ ٽي.وي شروع ٿيو، تڏهن کيس مزاحيه ڊرامي ’هر فن مولا‘ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن جو ڊائريڪٽر عبدالله ملاح هو. ان کانپوءِ مختلف ڊرامن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ڪندو رهيو. 2008ع ۾ سنڌ ٽي.وي سيريل ’وڪاڻل جذبا‘ ۾ سائيڊ هيرو جو ڪردار ڪيائين، جنهن جو ڊائريڪٽر، عقيل قريشي هو. 2008ع ۾ سنڌ ٽي.وي تي کيس ڊائريڪشن جو موقعو مليو، جنهن بعد هن معشوق کوکر جي ڪلام تي ماڊلنگ ۽ ڊائريڪشن ڪئي، جنهن ۾ کيس ڀرپور موٽ ملي. ان بعد 2008ع ۾ عابد نويد 14 آگسٽ جي لانگ پلي ۾ کيس کنيو، هن ان ڊرامي تي ڌيان ڏيندي وڏي محنت ڪئي ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آندائين. ان بعد ’هٽ پري‘ ڊرامي ۾ پڻ اداڪاري ڪيائين، جنهن جو ڊائريڪٽر منظور دانش هو. 2009ع-2010ع ۾ ذاتي مصروفيتن سبب ميڊياکي الوداع چيائين، پر وري 2011ع ۾ سينئر اداڪار رفيق عيساڻي ڌرتي ٽي.وي تي هلندڙ سيريل ’مافيا‘ ۾ کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، مهراڻ ٽي.وي جي سونگ ڊائريڪٽر مرتضى مجبور به پنهنجي ڊائريڪشن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان بعد مهراڻ ٽي.وي جي ڊائريڪٽر سلطان ساند پنهنجي فلم ’رت جا رشتا‘ ۾ مين هيرو جو ڪردار ڏنو، جنهن کيس شهرت ڏياري. ان بعد هن ادل گبول جي ڊرامن، ’ويساهه‘، ’36 ڪلاڪ‘ ۽ امر جليل جي لکيل ڊرامي ’معاوضو‘ ۽ حيات علي شاهه بخاريءَ جي لکيل سولو پلي ’سوري سڏ ٿيو‘ ۽ ادل گبول جي ’فائيو ڊيز‘ ۾ به ڪم ڪري مڃتا ماڻي آهي. دليپ ڪوهستاني هن وقت مهراڻ ٽي.وي تي هلندڙ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ سان گڏ ڊائريڪشن به ڪري رهيو آهي. کيس بهترين اداڪار طور مشتاق چنگيزي اوارڊ به ملي چڪو آهي، جيڪو بيسٽ سانگ، ماڊلنگ ۽ ڊائريڪشن تي ڏنو ويو هو، جنهن جو فنڪار شمن علي ميرالي ۽ ڪلام جا ٻول ’ڏکن جا پهاڙ‘ هئا.


لفظ دليپ ڪمار ڪوهستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.02.08  عيسوي

نامور اداڪار دليپ ڪمار ڪوهستاني 8 فيبروري 1985ع تي ٿاڻي بولا خان جي منگلاڻي خاندان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حزب الله ميمڻ شهيد
سهائي ابڙو
جمال عبدالناصر
شيخ ارشاد
پٽيل ولڀ ڀائي
جابر بن افلح
عثمان صديقي مخدوم
رضيه سلطانه
صالح عباسي
امداد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون